ڪاروڪاري جي تاريخ ۽ 2023 ۾ ٿيل قتل -



مدھوش مير 


 سڀ کان پھريان ڏسڻو پوندو ته ڪارو ڪاري جي شروعات ڪٿان کان ۽ ڪئين ٿي؟ عمومن اسان وٽ چيو ويندو آھي ته ڪاري ڪارو جي ڀيانڪ رسم بلوچستان کان شروع ٿي سنڌ ۾ پھتي پر ائين ناھي- اسلامي اسڪالر پير ڪرم الله پنھنجي ڪتاب 'ڪاروڪاري جو مسئلو اسلام جي نظر ۾' لکي ٿو ته مان ان خيال جو آھيان ته عورت غيرت جو مسئلو ايترو پراڻو آھي، جيتري انسان ذات جي تاريخ پراڻي آھي. ھن ڌرتي تي جيڪو سڀ کان پھريون انسان قتل ٿيو، اھو به عورت ۽ غيرت جي ڪري ٿيو ھو. قابيل ھابيل کي عورت جي ڪري ماريو ھو.__ عورت ۽ غيرت جو معاملو قومن ۽ قبيلن عھد قديم کان ھلندو پيو اچي، مختلف ٻولين ۾ ان کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آھي. ان غيرت جي نالي تي قتل کي انگريزي ۾ Honour killing سڏيندا آھن ۽ سنڌ ۾ 'ڪارو ڪاري'، بلوچستان ۾ ان کي 'شعان يا سيہ ڪاري' سڏيندا آھن، ته پنجاب ۾ وري 'ڪالا ڪالي' ۽ سرحد ۾ 'طور طورہ' سڏيندا آهن ،_ ان قتل مان قاتل جو مقصد سزا ڏيڻ بدڪاري جو داغ ڊاھي پنھنجي عزت آبرو برقرار رکڻ آھن- 

 ان کان پھريان جو اسان سنڌي سماج کي بدبودار بڻائيندڙ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم جو جائزو وٺون، بھتر ائين ٿيندو ته ان کان پھريان عزت ۽ غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل جو مختصر  تاريخي جائزو وٺجي. جئين معلوم ٿي سگھي ته رڳو اسان جو سنڌي معاشرو ھن مرض ۾ مبتلا ناھي بلڪه ھي مرض پراڻو ۽ گھڻين قومن قبيلن ۾ ڦھليل آھي،- رابرٽ ڪينر Robert keiner پنھنجي ريسرچ پيپر ۾ لکي ٿو ته ڇا غيرت جي نالي تي ٿيندڙ عورت جي خون لاء روڪٿام ڪري سگھجي ٿي؟ ھو لکي ٿو ته عزت جي نالي تي عورت جي قتل جا پيرا عيسائيت ۽ اسلام کان به اڳ جا آھن، بلڪي دنيا جي مذھبن کان اڳ جو معاملو آھي، اڄ کان صديون اڳ ميسوپوٽاميا ۾ غيرت جي نالي تي قتل جو رواج ھيو، 3000 ق م اندر اسيري Assyrian قانون تحت پيء کي حق حاصل ھيو تہ ھو ڌي زال نھنء جيڪا عزت کي ڇيهو رسائي ان جا وار ڪتري ٽي ڏينھن ان جي ماني بند ڪري ان جي تذليل ڪئي ويندي ھئي- حمورابي جي قانون موجب بدڪاري جو الزام ثابت ٿيڻ واري عورت مٿان لازم ھوندو ھيو تہ ھو پاڻ کي درياه ۾ اڇلي زندگي جو انت آڻي- پراڻي روم بائيبل ۽ عربن وٽ ق م به غيرت جي نالي تي قتل جو تذڪرو تاريخ ۾ نمايان آھي، رومين وٽ اھا رسم ھئي جيڪا زال مڙس سان ملڻ ۾ عذر ڪندي ھئي ته ان تي شڪ ڪري کيس ڪپڙن کان آجيو ڪري بند ڪيو ويندو ھو، عرب ڪاري کي پٿر ھڻي سنگسار ڪندا ھئا، ۽ وچين دور ۾ ڪارو ڪاري کي ٻڌي ڪنھن اوچي جاء يا وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيندا ھئا، جيسين انھن جو ساھ نه نڪري، پئرو قوم ۾ شادي شده مرد جڏھن ڪنھن ٻئي عورت سان جنسي لاڳاپي وقت پڪڙبو ھو ته ان جي زال مڙس کي پيرن ۾ رسو وجھي اونڌو ٽنگيندي ھئي،


  وليم شيڪسپيئر پنھنجي ڊرامي Titus Andronicus ۾ آڳاٽي روم جو نقشو چٽيو آھي، جنھن ڊرامي جو مرڪزي ڪردار جنرل Titus پنھنجي ڌي Lavinia کي ماريندي ڏيکاريو ويو آھي، سندس ڌي جي لڄ لٽي وئي ھئي تنھن ڪري ھاڻي جنرل جي فھم مطابق ناموس کي سخت صدمو رسيو ھو، پنھنجي عزت جي بحالي لاء نياڻي جو قتل ڪري ٿو، عورت جي عروج واري دور معيشت ۾ ڪارو ڪاري جو قتل عام ملي ٿو، اگر ڪو مرد غيرت جي نالي ڏوھ ۾ پڪتو ته ان کي عورتون مارينديون ۽ عورت پڪتي ته ان کي مرد ماريندا، مصر اندر به ائين ملي ٿو جنھن عورت جو مڙس ڀاء پيء ڪنھن جي عزت پائمال ڪندي پڪتو ته سموريون عورتون گڏ ٿي ان مرد جي عورتن کي حوصلو ڏينديون ھيون ته ان کي ماريو نه تہ اوھان کي ماريو ويندو ڪيترو ٽائيم اھو سلسلو ھليو، جنھن کي اچي قلوپطرا ختم ڪيو، اٽلي ۾ ڪارو ڪاري کي اگھاڙو ڪري جھنگ طرف ڦٽو ڪرڻ جو قانون پاس ٿيل ھو، ھندستان ۾ ڪارو ڪاري کي ساڙيو ويندو ھو، چندرگپت جي دور ۾ ڪاري مرد جون ٽنگون گوڏن کان ڪپيون وينديون ھيون، نئين سجاڳي تحريڪ دوران به يورپ ۾ اھڙا واقعا ملن ٿا، جتي ڪارو ڪاري کي پڪڙي ٻڌي بکايل جانورن حوالي ڪيو ويندو ھو، 


 اھو ته ٿيو ڪارو ڪاري جي تاريخ جو مختصر جائزو ۽ ان وقت اھڙو ڏوھ ڪندڙن مٿان مڙھيل سزائون پر اسان وٽ اڄ جي جديد آرٽيفيشل انٽيليجنس جي دور ۾ اھو انسانيت جو ڪنڌ جھڪاڙيندڙ شرمناڪ عمل عام آھي، اھڙا ڏوھ گھڻو ڪري رپورٽ گھٽ ٿيندا آھن، تنھن باوجود پوري دنيا اندر اقوام متحده جي انگن اکرن واري رپورٽ موجب ھر سال دنيا ۾ 5000 ھزار عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿينديون آھن، پر انساني حقوقن جي محافظ تنظيمن موجب ھر سال تقريبن 1000 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿينديون آھن، اھڙو ڏوھ ڪنھن رنگ مذھب تھذيب تقافت يا ملڪ عقيدي تائين محدود ناھي پوري اندر ڦھليل آھي، گوگل سروس جي سوالن واري خاني ۾ درج ٿيل پاڪستان ۽ انڊيا جھڙا ملڪ پوري دنيا کان گھڻو اڳتي آھن معلومات ٻڌائي ٿي ته انڊيا ۽ پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي قتل عام ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گھڻو آھي، -


 پاڪستان بلخوص صوبي سنڌ اندر ھن سال 2023 ۾ غيرت جي نالي تي قتلن جا انگ اکر ڪجھ ھن ريت شايع ٿيا آھن، ڪارو ڪاري جي مدي خارج رسم اڄ به ھر سال ھزارين جانيون ڳڙڪائي رھي آھي، سنڌ ۾ سال 2022 ۾ ايڪسپريس ٽربيون جي رپورٽ ۾ 217 قتل غيرت جي نالي تي ٿيا تن ۾ رڳو جيڪب آباد ۾ 36، ڪشمور ۾ 27 ۽ گهوٽڪي ۾ 23 قتل ٿيا. ائين ئي سال 2023 ۾ سنڌ اندر جنوري کان جون تائين ڇھن مھينن ۾ 132 قتل ڪيس درجا ٿيا  2023ع ۾ ”ڌ نيوز” جي رپورٽ موجب گذريل ڇهن مهينن دوران غيرت جي نالي تي قتل ۽ گهريلو تشدد جي واقعن ۾ 91 عورتن سميت 132 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا، رڳو ھن سال 2023 ۾ ضلعي جيڪب آباد ۾ غيرت جي نالي تي 12 عورتن ۽ 7 مردن سميت 19 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ضلعي ڪشمور ۾ 16 ۽ ضلعي ڪشمور ۾ 12 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. شڪارپور ضلعي گهوٽڪي ۾ 7، ضلعي سکر ۾ 10، ضلعي خيرپور ۾ 5، لاڙڪاڻي ۾ 6 ۽ ٻين ضلعن ۾ 48 ڄڻن جو ڪيس داخل ڪيو ويو. انگن اکرن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل 5 سالن کان ڪشمور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعا غيرت جي نالي تي قتل جي واقعن ۾ سرفهرست آهن._____ 

 

  خيبر پختونخواہ ۾ 5 ڇوڪرين جي نچڻ واري وڊيو وائرل ٿي ھئي پوء جرڳو ڪرائي انھن 5 ڇوڪرين کي قتل ڪيو ويو ھيو، غيرت جي نالي تي قتل، يا بدلو وٺڻ ۽ ’شرم‘ کي بحال ڪرڻ لاءِ قتل، پاڪستان جي انتهائي قدامت پسند، روايتي ۽ قبائلي برادريءَ جي هڪ خصوصيت رهي آهي، تازو گڏ ڪيل انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته چئن سالن جي عرصي ۾ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 2,000 واقعا ٿيا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2,500 ماڻهو مارجي ويا. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان موجب پاڪستان ۾ 2021 ۾ غيرت جي نالي تي قتل جا 470 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا پر انساني حقن جي محافظن جو اندازو آهي ته هر سال لڳ ڀڳ 1000 عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويندو آهي، غيرت جي نالي تي قتل هڪ خاندان يا سماجي گروهه جي ميمبر جو ٻين ميمبرن پاران قتل آهي، ان عقيدي جي ڪري مقتول خاندان يا ڪميونٽي جي بي عزتي ھوندي آھي، مقتول جي موت کي خاندان جي وقار ۽ عزت بحال ڪرڻ جو طريقو سمجهيو ويندو آهي. امڪان اهو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيترن ئي سالن کان غيرت جي نالي تي قتل جو رواج رهيو آهي ۽ تازو قانوني سڌارن جي باوجود، به پاڪستان ۾ عام رواج آهي، عالمي ادارا ۽ پاڪستاني ڪارڪن ۽ سرگرم گروهه توڙي سماجي اڳواڻن ۽ تنظيمن ان عمل کي ختم ڪرڻ لاءِ زور ڏئي رهيا آهن، جيتوڻيڪ ڪي چون ٿا ته تبديلي واقعي ان وقت تائين نه ايندي، جيستائين عام ماڻهو ان عمل جي مذمت ڪرڻ جو انتخاب نه ڪندو،


 غيرت جي نالي تي قتلن بابت سماجي اڳواڻ ۽ ايس ايس او جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتلن بابت ميڊيا کي ٻڌايو تہ پاڪستان جي بالخصوص سنڌ صوبي ۾ ھر آئي ڏينھن ڪنھن حوا ڄائي جي لڱ ڪانڊاريندڙ خبر ملي ٿي، اسان جي سماج جو الميو اھو به آھي ته ڪاٿي ڪا نياڻي ائين بيدرديءَ سان مارجي وڃي ٿي ڪير ٻڙڪ ٻاھر ڪڍڻ لاء تيار ناھي، اسان مسلسل عورتن جي حقن جي سماجي تنظيم سنڌ سھائي آرگنائيزيشن (ايس ايس او) پاران سروي ڪيو آھي ته انگن اکرن موجب، فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) 90 سيڪڙو ڪيسن ۾ داخل ٿينديون آهن، پر جوابدارن جي گرفتاري اڃا به وڏو چئلينج ھوندي آهي، ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيسن جي جاچ ۽ پراسيڪيوشن جي مرحلي ۾ عمل تمام سست ھوندو آھي، جنھن ڪري اھڙا ڪيترائي ڪيس فائيلن ۾ بند ٿي ويندا آھن، 



Comments