Posts

Showing posts from January, 2024

ڪاروڪاري جي تاريخ ۽ 2023 ۾ ٿيل قتل -

Image
مدھوش مير    سڀ کان پھريان ڏسڻو پوندو ته ڪارو ڪاري جي شروعات ڪٿان کان ۽ ڪئين ٿي؟ عمومن اسان وٽ چيو ويندو آھي ته ڪاري ڪارو جي ڀيانڪ رسم بلوچستان کان شروع ٿي سنڌ ۾ پھتي پر ائين ناھي- اسلامي اسڪالر پير ڪرم الله پنھنجي ڪتاب 'ڪاروڪاري جو مسئلو اسلام جي نظر ۾' لکي ٿو ته مان ان خيال جو آھيان ته عورت غيرت جو مسئلو ايترو پراڻو آھي، جيتري انسان ذات جي تاريخ پراڻي آھي. ھن ڌرتي تي جيڪو سڀ کان پھريون انسان قتل ٿيو، اھو به عورت ۽ غيرت جي ڪري ٿيو ھو. قابيل ھابيل کي عورت جي ڪري ماريو ھو.__ عورت ۽ غيرت جو معاملو قومن ۽ قبيلن عھد قديم کان ھلندو پيو اچي، مختلف ٻولين ۾ ان کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آھي. ان غيرت جي نالي تي قتل کي انگريزي ۾ Honour killing سڏيندا آھن ۽ سنڌ ۾ 'ڪارو ڪاري'، بلوچستان ۾ ان کي 'شعان يا سيہ ڪاري' سڏيندا آھن، ته پنجاب ۾ وري 'ڪالا ڪالي' ۽ سرحد ۾ 'طور طورہ' سڏيندا آهن ،_ ان قتل مان قاتل جو مقصد سزا ڏيڻ بدڪاري جو داغ ڊاھي پنھنجي عزت آبرو برقرار رکڻ آھن-   ان کان پھريان جو اسان سنڌي سماج کي بدبودار بڻائيندڙ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم جو جائزو وٺون، بھ